نوان صوبا ٺاهڻ جون رڳو ڳالهيون آهن، حقيقت ۾ ڪجهه ناهي: ناصر شاهه

سکر (رپورٽر) بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ جون رڳو ڳالهيون آهن، حقيقت ۾ ڪجهه ناهي، سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته نوان صوبا نه پيا ٺهن، سرمد ميراڻي ۽ غني امان چانڊيو جي گرفتاري بابت وڏي وزير عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ گهري ورتي آهي، غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي به ڪنهن جا پٽ ۽ ڀائر آهن، سنڌ حڪومت هن معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، عدالتي حڪم تي عمل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ڪارڪردگي جي بنياد تي آئيني طريقي سان هٽايو ويو هو، ملڪ ۽ عوام خلاف ڪنهن به فيصلي کي پ پ قبول نه ڪندي، 27هين ترميم تي ڪنهن به صوبي سان ناانصافي نه ٿيڻ ڏينداسين، وفاقي حڪومت جو حصو بڻجڻ جي اڳ به آڇ ٿي هئي، 27هين ترميم بابت پيپلزپارٽي جو پنهنجو موقف آهي، ڇا وڌيڪ صوبن لاءِ انفرا اسٽرڪچر آهي، اهڙا شوشا ڇڏيا وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.