اسلام آباد (بيورو) 26هين ترميم کان پوءِ حڪومت ٻيهر 27هين آئيني ترميم آڻڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي، ذريعن موجب وزيراعظم 27هين آئيني ترميم بابت اتحادي جماعتن سان مشاورت جاري رکي آهي، پيپلزپارٽي کانپوءِ ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق)، آءِ پي پي، اي اين پي ۽ جي يو آءِ (ف) سان به رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب، حڪومت اتحادي جماعتن سان ڄاڻايل ترميم جي اهم نڪتن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي، ان ترميم ۾ آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي، تعليم جو اختيار واپس وفاق حوالي ڪرڻ، آئيني عدالت جو قيام ۽ ٻين معاملن کي به شامل ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ذريعن ٻڌايو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ اليڪشن ڪميشن جا معاملا به 27هين آئيني ترميم جو حصو بڻجڻ جا امڪان آهن.