واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام هنيو آهي ته پاڪستان، چين ۽ روس ڳجهي نموني ايٽمي هٿيارن جا تجربا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪا ئي واحد وڏو ملڪ آهي جيڪو اهڙن تجربن کان پاسو ڪري رهيو آهي، آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته هن پينٽاگون کي هدايت ڏني آهي ته ايٽمي تجربا ٻيهر شروع ڪيا وڃن، سندس چوڻ هو ته اتر ڪوريا، پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ ايٽمي تجربا ته ڪري رهيا آهن پر انهن جو اعلان نٿا ڪن، انهن بيانن کان پوءِ عالمي سطح تي اهو خدشو پيدا ٿيو آهي ته شايد آمريڪا 1992 کانپوءِ پهريون ڀيرو نئون ايٽمي تجربو ڪرڻ وارو آهي، ٽرمپ چيو ته آمريڪا وٽ ايترو وڏو ايٽمي ذخيرو آهي جيڪو دنيا کي 150 ڀيرا تباهه ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به تجربا ضروري آهن ته جيئن اهي هٿيار ڪيئن ڪم ڪن ٿا، اهو پرکجي سگهي، روس ۽ چين ڳجهي طور تجربا ڪري رهيا آهن ۽ آئون نٿو چاهيان ته آمريڪا واحد ملڪ رهي جيڪو تجربا نه ڪري، ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا وڌيڪ شفاف طريقي سان ڪم ڪري ٿو، اسان کليل سماج آهيون، هر ڪم عوام اڳيان رکون ٿا، جيڪڏهن ٻيا ملڪ تجربا ڪري رهيا آهن ته پوءِ اسان کي به ڪرڻا پوندا، پاڪستان جي پرڏيهي کاتي طرفان اڃا تائين ان حوالي سان ڪو ردعمل ظاهر نه ڪيو ويو، ماهرن موجب ٽرمپ جا بيان آمريڪا جي ايٽمي عدم ڦهلاءُ واري پاليسي تي سوال اٿارين ٿا ۽ جيڪڏهن آمريڪا تجربا ٻيهر شروع ڪري ٿو ته اهو عالمي امن ۽ بين الاقوامي معاهدن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، چين، جوهري هٿيارن جي تجربن بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، چيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين هميشه پرامن ترقي جي رستي تي گامزن رهيو آهي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چين جوهري هٿيارن جي استعمال ۾ قدم نه کڻڻ واري پاليسي تي قائم آهي، پرڏيهي وزارت واضح ڪيو ته چين جي جوهري حڪمت عملي مڪمل طور دفاعي نوعيت جي آهي ۽ ملڪ پنهنجي سلامتي ۽ عالمي امن لاءِ پرعزم آهي.