خانپورمهر (رپورٽر) خانپورمهر ويجهو پير بري واري علائقي ۾هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ناري زخمي ٿي پئي، ڳوٺ ڪيهر بوزدار ۾ هٿياربندن گهر تي مبينا طور حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب 30 ورهين جي مير محمد پٽ ولي محمد بوزدار مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ جي دوران هڪ ناري ضميران شهزادو بوزدار زخمي ٿي پئي،خانپور مهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، وارثن موجب اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي جوابدارن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو آهي انصاف ڪيو وڃي.