ڏهرڪي/ اوٻاوڙو (رپورٽ: اجيت ڪمار / عبدالحئي ڇڄڻ) ڏهرڪي ڀرسان گلاب چوڪ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو،شر برادري جو نوجوان علي حسن شر پاڻي جي واري تي بيٺل ھو جنھن مٿان هٿياربندن اوچتو حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان علي حسن شر موقعي تي قتل ٿي ويو جوابدار واقعي واري ھنڌان آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع تي مقتول جا وارث ۽ ريتي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اسپتال پھچايو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته مقتول مٿان پنهنجي شر برادري جي ھٿيار بندن حملو ڪري قتل ڪيو آھي، مقتول جي وارثن الزام هنيو آهي ته هاشم شر ۽ سندس ساٿين اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.