هر سال مشهور يا غير مشهور ڪمپنين طرفان درجنين نوان اينڊرائيڊ فون متعارف ڪرايا ويندا آهن.
کوڙ سارين ڪمپنين طرفان مختلف اگهن وارا فون پيش ڪيا ويندا آهن، جيڪي فيچرز جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن.
انهن مان ڪجهه فون توهان جي پراڻن فونن جيان هوندا آهن، رڳو معمولي تبديليون هونديون آهن، جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ خاصيتن سان ليس هوندا آهن ۽ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويندا آهن.
پر جڏهن به توهان ڪو نئون سمارٽ فون خريد ڪرڻ جو ارادو ڪندا آهيو ته اڪثر ڪجهه غلطيون ڪندا آهيو.
اصل ۾ جيڪڏهن توهان نئون فون خريد ڪرڻ وارا آهيو ته مختلف ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي.
هيٺ ڏنل اهي عام غلطيون آهن جيڪي گهڻا ماڻهو نئين اينڊرائيڊ فون خريدڻ وقت ڪندا آهن.
اسٽوريج جي ضرورتن بابت نه سوچڻ
هاڻي گهڻي ڀاڱي هر ايپ کي فون ۾ گهڻي اسٽوريج جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته تصويرون ۽ وڊيوز به وڌيڪ محفوظ ڪيون وينديون آهن.
ڪيئي ماڻهو اهو اندازو لڳائڻ ۾ ناڪام ويندا آهن ته کين پنهنجي نئين سمارٽ فون ۾ ڪيتري اسٽوريج جي ضرورت پوندي.
جيڪڏهن سمارٽ فونن ۾ اسٽوريج جو مسئلو مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ ذريعي حل ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ واڌو خرچ ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهو به لازمي طور ڏسڻو پوندو ته فون ۾ ايس ڊي ڪارڊ سپورٽ موجود آهي يا نه.
انڪري جيڪڏهن توهان فون خريد ڪرڻ کان ڪجهه وقت بعد اسٽوريج گهٽجڻ سبب ايپس، تصويرون يا وڊيوز ڊليٽ ڪرڻ کان تنگ نٿا ٿيڻ چاهيو ته بهتر آهي ته پنهنجي بجيٽ پٽاندر سڀ کان وڌيڪ اسٽوريج وارو فون چونڊيو.
جيڪڏهن ماضي ۾ به اوهان کي اسٽوريج جا مسئلا پيش آيا آهن ته اڳتي فون خريدڻ وقت ان ڳالهه جو خاص خيال رکو.
سافٽ ويئر سپورٽ کي نظرانداز ڪرڻ
اينڊرائيڊ فونن ۾ ڪيترائي فيچرز موجود هوندا آهن پر هڪ مسئلو لازمي هوندو آهي، اڪثر انهن ۾ نئين اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم کي اپڊيٽ ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي.
پراڻن اينڊرائيڊ سسٽم تي هلندڙ فونن ۾ ايپس جا نوان فيچرز استعمال نٿا ٿي سگهن ۽ ميل ويئر ۽ ٻين آن لائين خطرن جا امڪان به وڌي ويندا آهن.
ان ڪري نئين فون خريد ڪندي اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ڪمپني جي نئين سافٽ ويئر اپڊيٽ پاليسي ڇا آهي.
هاڻي ڪجهه ڪمپنيون 4 کان 7 سال تائين سافٽ ويئر اپڊيٽ ڏيڻ جو واعدو ڪري رهيون آهن، پر کوڙ ڪمپنيون رڳو 1 کان 2 سال تائين اپڊيٽس ڏين ٿيون.
ان ڪري اهڙي فون خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏيو جنهن ۾ ڊگهي عرصي تائين سافٽ ويئر سپورٽ موجود هجي.
اکيون ٻوٽي ڪمپني جي ٻڌايل معيار تي يقين ڪرڻ
جيڪڏهن توهان رڳو ڪمپني جي بيان ڪيل فيچرز تي ڀروسو ڪندا آهيو ته اها وڏي غلطي آهي.
مثال طور، 108 ميگا پڪسل ڪئميرا لازمي ناهي ته 48 يا 12 ميگا پڪسل ڪئميرا کان بهتر نتيجا ڏئي.
اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڪنهن فون ۾ 5500 ايم اي ايڇ بيٽري آهي ته لازمي ناهي ته ان جي بيٽري لائيف 5000 ايم اي ايڇ بيٽري کان وڌيڪ هجي.
سافٽ ويئر آپٽمائيزيشن سمارٽ فون جي سڀني پهلوئن لاءِ اهم هوندي آهي.
ان ڪري جڏهن به نئين فون خريد ڪرڻ چاهيو ته ان جا ڪيترائي ريويو پڙهو ۽ جيڪڏهن ڪنهن دوست يا مائيٽ وٽ اِها فون موجود آهي ته ان کان راءِ وٺو، پر اهو نه ٻڌايو ته توهان اِها فون خريد ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا.
پنهنجين ضرورتن کي نظرانداز ڪرڻ
نئين سمارٽ فون خريد ڪندي ڪافي ماڻهو اهو نه سوچيندا آهن ته کين اصل ۾ ڪهڙي شيءَ جي ضرورت آهي ۽ رڳو مقبوليت ڏسي مهانگو فون وٺي ويهندا آهن.
توهان کي پهريان اهو سوچڻ گهرجي ته توهان فون ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪندا ، رڳو ڪالز، پيغامن، سوشل ميڊيا يا اسٽريمنگ لاءِ يا وري گيمنگ لاءِ؟
اهڙي نموني جيڪڏهن توهان فون تي آفيس جو ڪم ڪندا آهيو ته ان حساب سان چونڊ ڪريو، ڇو ته هاڻي گهٽ قيمت وارا اينڊرائيڊ فون به گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ڊسڪائونٽ يا ڊيل جو انتظار نه ڪرڻ
ڪنهن به نئين فون کي ان جي متعارف ٿيڻ کان ڪجهه هفتن اندر بنا ڪنهن ڊيل يا ڊسڪائونٽ جي خريدڻ به غلطي آهي.
ڪيئي اينڊرائيڊ فونن جون قيمتون انهن جي لانچ ٿيڻ کان ڪجهه هفتن بعد گهٽجي وينديون آهن يا خاص آڇون ڏنيون وينديون آهن.
انڪري بهتر آهي ته نئين فون کي متعارف ٿيڻ کانپوءِ ترت خريد ڪرڻ بدران ٿورو اوسيئڙو ڪيو ته جيئن ساڳي فون کي بهتر قيمت تي حاصل ڪري سگهجي.