ڪراچي تي حملي جي ڪوڙي خبر اسان کي به حقيقت پئي لڳي: ڀارتي آرمي چيف جو اعتراف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي سربراهه جنرل اوپيندرا دويدي جديد دور جي سيڪيورٽي خطرن جي غير يقيني صورتحال تي گفتگو ڪندي ڪراچي تي حملي جي جعلي خبرن جو ذڪر ڪيو، جيڪي ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي پکيڙيون ويون هيون.
ڀارتي فوج جي سربراهه مئي ۾ ٿيندڙ آپريشن سندور جو حوالو ڏيندي چيو ته آپريشن سندور دوران جعلي خبرن جي ڀرمار هئي، افواهه پکيڙيا ويا ته ڪراچي تي حملو ٿيو آهي، ايتريون وڌيڪ جعلي خبرون هيون جو اهي اسان کي به حقيقت لڳڻ لڳيون.
هن چيو ته موجوده دور ۾ ڪوڙ ۽ سوشل ميڊيا جا افواهه ايتري تيزي سان پکڙجندا آهن ته اصل ۽ فرضي خبرن ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، دنيا ۾ سيڪيورٽي جا چيلينج تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن، جن ۾ سائبر حملن کان وٺي خلا ۾ ٿيندڙ جنگين تائين جا خطرا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.