اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سعودي عرب جا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن، جڏهن ته چين پاڪستان جو هر موسم جو دوست آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پاڪستان ۽ چين سي پيڪ فيز ٿري تي ڪم وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن.
هن چيو ته آمريڪا، چين، سعودي عرب ۽ دبئي سان لاڳاپن ۾ بهتري آئي، پاڪستان هاڻ عالمي سطح تي اعتماد جوڳي ڀائيوار طور اڀريو آهي.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، اسان سڄي دنيا ۾ سفارتي ڪاميابيون ماڻيون آهن، دنيا پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪري رهي آهي.
خواجا آصف چيو ته پاڪستان ترڪيه ۽ ايران سان به لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي ۽ اسلامو فوبيا خلاف هڪ اثرائتو آواز بڻجي اڀريو آهي، پاڪستان جي سفارتڪاري اعتماد ۽ استحڪام جي عڪاسي ڪري رهي آهي.
You might also like