پاڪ سوزوڪي ڪمپني پنهنجي مقبول مني وين سوزوڪي ايوري وي ايڪس آر (Every VXR) تي محدود مدي لاءِ 3 لک 50 هزار رپين جي رعايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪمپني موجب رعايت کانپوءِ گاڏي جي ايڪس فيڪٽري قيمت 26 لک 15 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي، جنهن سان اها خاندانن ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ هڪ وڌيڪ معاشي ۽ عملي آپشن بڻجي وئي آهي.
اها آڇ رڳو ايوري وي ايڪس آر ويريئنٽ تي لاڳو هندي ۽ ان رعايتي آفر لاءِ بڪنگ سڄي ملڪ جي مجاز شو رومز تي شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like