لاڳاپا رکڻ بعد شادي کان انڪار، همراهه پرڻي لاءِ زور ڀرڻ تي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو

ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ضلعي ايروڊ ۾ گم ٿيل 35 ورهين جي عورت جو لاش ڪيلي جي باغ مان هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب عورت جي قتل جي الزام ۾ 26 ورهين جي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جا مقتولا سان لاڳاپا هئا.
مقتولا جي سڃاڻپ سونيا جي نالي سان ٿي آجي، جيڪا پيشي جي لحاظ سان پيوٽيشن ۽ 2 نومبر کان گم هئي، سندس لاش ڪيلي جي باغ ۾ دفنايو ويو هو.
پوليس ٻڌايو ته جڏهن هوءَ ڪم تان واپس نه موٽي ته گهر ڀاتين گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي، سونيا 2 سال اڳ بيواهه ٿي چڪي هئي ۽ پنهنجي ماءُ، پٽ ۽ ڌيءُ سان رهندي هئي.
جاچ دوران پوليس کي ڪال رڪارڊ مان سونيا جو واسطو موهن ڪمار نالي شخص سان هجڻ جو پتو پيو، جيڪو بي ڪام گريجويٽ ۽ ان ئي ڪيلي جي باغ جو مالڪ آهي جتان لاش هٿ آيو، پوليس کيس حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪئي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي وچ ۾ لاڳاپا هئا ۽ عورت اڪثر ان کان شادي جو مطالبو ڪندي هئي، جنهن تي جهيڙو ٿيو ۽ هن عورت کي قتل ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب سونيا ۽ موهن ڪمار جي ملاقات 2 سال اڳ هڪ گارمينٽس فيڪٽري ۾ ٿي، جتان انهن جا لاڳاپا قائم ٿيا ۽ هو اڪثر موهن جي باغ ۾ ملندا هئا.
پوليس موجب واردات واري ڏينهن موهن باغ ۾ کڏ کوٽي ۽ رات اٽڪل 8 وڳي سونيا کي گهرايو، جتي ٻئي ڪجهه دير گڏ رهيا، جنهن کانپوءِ موهن سونيا کي قتل ڪري سندس لاش دفنائي ڇڏيو.
اطلاعن موجب ايندڙ صبح تي هو به واردات واري هنڌ آيو ۽ پوليس جي سوالن تي لاعلمي ظاهر ڪندو رهيو.
موهن ڪمار کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.