نئين ديري ڀرسان جيها- ڏاهاڻي تڪرار تيز، فائرنگ، فوجي جوان قتل، مهمان زخمي

نئون ديرو/ لاڙڪاڻو (رپورٽ:محمد علي جروار/ ساجد علي تنيو) جيها ڏاهاڻي تڪرار تيز، هڪ فوجي جوان قتل، مهمان ٿي آيل فوجي جوان زخمي، ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ ۽ ڳوٺ پيارو ڏاهاڻي جي ڌرين ۾ چار سال اڳ پيار پرڻي واري مامري تان شروع ٿيل خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو، ڏاهاڻي برادريءَ جي هٿياربند جي فائرنگ ۾ فوجي جوان شهزادو جيهو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته مهمان ٿي آيل خيرپور جو رهواسي مقصود مڱڻيجو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جهيڙي واري اطلاع تي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ مبارڪ جيهو پهچي مارجي ويل فوجي شهزادو جيهو جو لاش ۽ زخمي مقصود مڱڻيجي کي کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو جتان زخمي فوجي جوان کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي چانڊڪااسپتال منتقل ڪيو ويو، مارجي ويل شهزادو جيهو جي لاش جو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيوويو مقتول جو لاش وارث ڳوٺ مبارڪ جيهو کڻائي ويا، اسپتال ۾ موجود صابر جيهو ٻڌايو ته مقتول فوجي جوان شهزادو گذريل ڏينهن پنهنجي دوست سان گڏ ڳوٺ گهمڻ آيو هو جتي ڏاهاڻي ڌر جي لڪي ويٺل هٿياربندن حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ شهزادو جيهو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو ۽ سندس دوست مقصود مڱڻيجو سخت زخمي ٿي پيو. ياد رهي ته چار سال اڳ پيار پرڻي واري مامري تان شروع ٿيل جيها – ڏاهاڻي خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 3 عورتن سميت 25 ماڻهون موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن جنهن ۾ جيها ڌر جا 14، ڏاهاڻي ڌر جي ٻن عورت سميت 10 ۽ هڪ واٽهڙو ناري شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.