ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت ناهي: راشد لنگڙيال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال چيو آهي ته ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت ناهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد لنگڙيال چيو ته ٽيڪس بابت بجيٽ ۾ منظور ٿيندڙ قدمن تي عمل ڪري رهيا آهيون ۽ ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته ايف بي آر کي سمورن ادارن جو سهڪار حاصل آهي، اثرائتن قدمن سان ٽيڪس وصولين ۾ واڌ ٿي آهي، ٽيڪس سڌارن ۾ وقت کپندو آهي.
سندس چوڻ هو ته وفاق کان 15 سيڪڙو ۽ صوبن کان 3 سيڪڙو روينيو گڏ ڪرڻو آهي، روينيو لاءِ صوبن تي ايترو دٻاءُ ناهي جيترو وفاق تي آهي.
ايف بي آر چيئرمين چيو ته انفرادي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، ٽيڪس ريٽرن فائلرز جو انگ 49 مان وڌي 59 لک ٿي ويو آهي، جڏهن ته پهريون ڀيرو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، اسان کي ٽيڪس وصولي کي جي ڊي پي جي 18 سيڪڙو تي وٺي وڃڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.