جيڪب آباد (ن ع آ) جيڪب آباد ۾ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر پيرسن عورت سميت ٻه ڄڻا فوت، عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهيو، ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سومرا شاخ وٽ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ ڀڳل پل واسي نوجوان خير محمد بروهي فوت ٿي ويو، حادثي ۾ هڪ پيرسن عورت به فوت ٿي وئي، نوجوان ۽ پيرسن عورت جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، اطلاع تي فوتي نوجوان جا وارث به پهتا اسپتال ۾ روڄ راڙو مچي ويو جڏهن ته عورت جي لاش جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي، پوليس ٻڌايو ته رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿيا آهن عورت جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهن جو لاش اسپتال ۾ رکيل آهي، فوتي عورت جي وارثن جي ڳولا جاري آهي.