اسلام آباد (بيورو) افغان پناهگيرن جي باعزت وطن واپسي جو سلسلو تيزي سان جاري، صرف هڪ ڏينهن ۾ چمن بارڊر ذريعي لڳ ڀڳ 10 هزار 700 افغان پناهگيرن کي باعزت طريقي سان افغانستان موڪليو ويو، رپورٽ موجب چمن کان پوءِ طورخم سرحد ذريعي به افغان پناهگيرن جي واپسي جو عمل شروع ڪيو ويو، سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين لڳ ڀڳ 15 لک 60 هزار افغان پناهگير پنهنجي وطن واپس موٽيا آهن، اطلاعن موجب افغان شهريـن جي واپسي قانوني طريقيڪار تحت جاري آهي، هر شخص جا دستاويز چڪاسڻ کان پوءِ ئي سرحد پار ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي، افغان پناهگيرن لاءِ ايف سي ۽ سول انتظاميا جي طرفان رهائش ۽ کاڌي جو انتظام پڻ ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته افغانستان ۾ جنگ ۽ گهرو ويڙهه دوران پاڪستان 40 سال تائين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي ۽ همدرديءَ جي وڏو مثال قائم ڪيو، افغان پناهگيرن جي واپسي جو عمل قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي شروع ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ پاڪستان ۾ بغير پاسپورٽ ۽ ويزا جي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي.