ڪراچي /شڪارپور(نمائندا) سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ آفتاب شعبان ميراڻي لاڏاڻو ڪري ويو، خاندان وارن آفتاب شعبان ميراڻي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي، وارثن موجب آفتاب شعبان ميراڻي جي جنازي نماز ڊفينس فيز 4 ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته تدفين گذري قبرستان ۾ ڪئي ويندي، آفتاب شعبان ميراڻي جو تعلق ضلعي شڪارپور سان هو، پر هو ڊگهي عرصي کان ڪراچي ۾ رهائش پذير هو، کيس هڪ فتو اڳ اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو هو، هو پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر ترين اڳواڻن مان هڪ هو، صدرِ مملڪت آصف علي زرداري آفتاب شعبان ميراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو ويجهوساٿي هو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به آفتاب شعبان ميراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.