ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌ بار جي چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ، امير بخش ميتلو ۽ ٻيا ڪامياب ٿي ويا. سنڌ بار ڪائونسل ضلعي ڏکڻ مان عامر نواز وڙائچ ، سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو.عبدالرشيد راڄڙ،امير بخش ميتلو، ٿماس رضوي، حفيظ لاشاري سنڌ بار ڪائونسل جا ميمبر چونڊجي ويا.
محمد زبير ابڙو، ملير بار جو اڳوڻو سيڪريٽري رياض ڀٽي ضلعي ملير مان سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو .