اسلام آباد (بيورو) گورنر هائوس ڪراچي۾ گورنر جي غيرموجودگي ۾ صوبائي اسيمبلي اسپيڪر کي مڪمل رسائي ڏيڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي درخواست تي 5 رڪني آئيني بينچ ٺاهي ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ 3 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ وقتي گورنر کي گورنر هائوس ۾ رسائي جو حڪم ڏنو هو. گورنر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. درخواست ۾ موقف آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ٻڌايو.