لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل، اڳوڻي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ وقار يونس مٿان ڪيريئر تباهه ڪرڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو.
هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ڏيندي عمر اڪمل چيو ته وقار يونس نوجوان رانديگرن سان ساڙ ڪندو هو، ڇو ته اِهي نيون ڪارون خريدڻ جهڙا ٿي ويا هئا.
عمر اڪمل جو چوڻ هو ته ”الله جيڪو ڏنو آهي، مان پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي خواهشون پوريون ڪري رهيو آهيان، ان ۾ ڪهڙي برائي آهي؟ “
هن چيو ته کيس ڪارڪردگي جي بنياد تي نه پر نئين ڪار خريدڻ ۽ برانڊڊ ڪپڙا پائڻ سبب ٽيم مان ڪڍيو ويو، وقار چوندو هو ته ” توهان کي ايترا پيسا ڪيئن ملي ويا؟“
عمر اڪمل موجب، پهرين رانديگر اهڙيون شيون خريدڻ جي قابل نه هئا، پر جڏهن الله ڏنو آهي ته پنهنجي مٿان خرچ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي.“
عمر اڪمل چيو ته هو وقار يونس جو سينيئر رانديگر طور احترام ڪري ٿو، پر ڪوچ طور نه.
سندس چوڻ هو ته 2016ع جي عالمي ڪپ دوران هن پي سي بي کي خط ۽ فائلون جمع ڪرايون ۽ تجويز ڏني ته جيڪڏهن وقار يونس کي هٽايو وڃي ته ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي.
عمر اڪمل اهو به هن ڪيئي پرڏيهي ليگ ۾ کيڏڻ جو آڇون انڪري رد ڪيون ڇو ته هن لاءِ پاڪستان هميشه پهرين ترجيح هو ۽ رهندو.