ڇا 25 هزارن ۾ عالمن جو ضمير خريد ڪرڻ چاهيو ٿا؟ فضل الرحمان جي پنجاب حڪومت تي وري تنقيد

ملتان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب حڪومت طرفان پيش امامن کي وظيفو ڏيڻ جي قدمن تي سخت اعتراض واري ڇڏيو.
ملتان ۾ علما ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن ان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
هن الزام هنيو ته مدرسن جي ڪردار کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسان کي هر هر قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو چيو پيو وڃي.
سندس موجب حڪومت چئي ٿي ته اسان عالمن کي 25 هزار رپيا وظيفو ڏيڻ چاهيون ٿا پر سوال اهو آهي ته ڪهڙي مد ۾ اها رقم ڏني پئي وڃي، ڇا توهان ضمير خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون؟ حڪومتي حلقن طرفان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جا مثال ڏنا ويندا آهن ته پوءِ اهو ئي نظام مڪمل طور تي لاڳو ڪيو وڃي.
فضل الرحمان چيو ته فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن پر نٿا ڊڄون، کڏ ۾ وڃي پئي فورٿ شيڊيول.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.