پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪريٽيڪل منرلز فورم جي صدر رابرٽ لوئس ۽ آمريڪا جي نگران ناظم الامور نتالي بيڪر ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ معدنيات ۽ کاڻون کڻڻ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي، سپلاءِ چين جي تحفظ ۽ پائيدار ۽ ذميوار سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
محمد اورنگزيب چيو ته هڪ گڏيل ۽ مضبوط معدنيات پاليسي پاڪستان کي برآمدن تي ٻڌل ترقي ۽ ڊگهي مدي جي معاشي استحڪام جي رستي تي آڻي سگهي ٿي.
ٻنهي ڌرين پاڪستان جي سڌارن جي ايجنڊا ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن موجب سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.