ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ، انگلينڊ کي ٽِين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي، ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
ويلنگٽن ۾ کيڏيل ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي پوري ٽيم 41هين اوور ۾ 222 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
انگلش ٽيم اننگز جي شروعات کان ڏکيائين جو شڪار رهي ٽيم جا 5 رانديگر رڳو 44 رنسن تي پويلين موٽي ويا، ان کانپوءِ جوس بٽلر 38، جيمي اوورٽن 68 ۽ بريڊن ڪارس 36 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو.
ٽاپ آرڊر ۾ جيمي سمٿ 5، بين ڊڪٽ 8، جوءِ روٽ 2، ڪپتان هيري بروڪ 6 ۽ جيڪب بيٿل 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
نيوزيلينڊ طرفان بليئر ٽڪنر 4 ، جيڪب ڊفي 3، زيڪ فولڪس 2 ۽ مچل سينٽنر هڪ وڪيٽ ورتي.
نيوزيلينڊ 223 رنسن جو هدف 45 هين اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڪيوي اوپنر راچن رويندرا 46 ۽ ڊيرل مچل 44 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ڊيون ڪانوي 34 ۽ ڪپتان مچل سينٽنر 27 رنسوپن ٺاهي نمايان رهيا.
انگلينڊ جي طرفان جيمي اوورٽن ۽ سيم ڪُرن ٻه، ٻه جڏهن ته عادل رشيد ۽ بريڊن ڪارس هڪ، هڪ حاصل ڪئي.
نيوزيلينڊ جي بليئر ٽڪنر کي پليئر آف دي ميچ ۽ ڊيرل مچل کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
You might also like