پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ سيڪيورٽي ادارن 20 ورهين جي افغان شهري کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جو واسطو داعش خراسان سان ٻڌايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جوابدار تي دهشتگرد تنظيم ۾ شموليت ۽ مالي مدد جا الزام لاڳو ڪيا ويا آهن، کيس ليون شهر مان گرفتار ڪيو ويو ۽ رمانڊ تي جيل موڪليو ويو.
جاچ اختيارين موجب جوابدار جهادي نظرين جو حامي آهي ۽ داعش خراسان سان رابطي ۾ هو، هو تظيم جي مالي مدد کانسواءِ ان جي پروپيگنڊا وڊيوز جي ترجمي ۽ سوشل ميڊيا تي مشهوري ۾ به ملوث هو.
فرانسيسي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيترائي سال اڳ افغانستان مان فرانس آيو هو.
You might also like