ارشد وارثي ماءُ جي ڪهڙي خواهش پوري نه ڪري سگهيو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ارشد وارثي پنهنجي مداحن سان زندگي جو هڪ ڏکوئيندڙ تجربو شيئر ڪندي چيو آهي ته جڏهن هو 14 ورهين جوهو تڏهن هن جا والدين لاڏاڻو ڪري ويا هئا.
ويجهڙ هڪ انٽرويو دوران ارشد وارثي پنهنجي ننڍپڻ جي ڏکوئيندڙ ڪهاڻي مداحن سان شيئر ڪئي.
انٽرويوءَ دوران اداڪار ارشد وارثي انڪشاف ڪيو ته ”منهنجي ماءُ جا گردا خراب ٿي ويا هئا، سندس ڊائلاسز باقاعدگي سان جاري هئي، ان وقت ڊاڪٽرن اسان کي خبردار ڪيو هو ته امڙ کي پاڻي هرگز نه ڏنو وڃي، هوءَ گُهرندي هئي پر ڊاڪٽر اسان کي پاڻي ڏيڻ کان منع ڪيو هو.“
ارشد وارثي موجب ” ان جي باوجود امان جي صحت بگڙجندي وئي، هڪ رات هن مون کان پاڻي گهريو پر مون کيس نه ڏنو ۽ انهيءَ رات ئي هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.“
ارشد وارثي چيو ته “ڪيئي سال گذري وڃڻ باوجود اڄ به اِهو لمحو منهنجي دل تي اُڪريل آهي، سوچيندو آهيان ته ڊاڪٽرن جي ڳالهه رد ڪري کيس آخري ڀيرو پاڻي پيارڻ گهرجي ها، پر جيڪڏهن مان کيس پاڻي پياريان ها، ۽ ان کانپوءِ ئي هوءَ دم ڏئي ڇڏي ها ته مان تڏهن به سڄي عمر پاڻ قصوروار سمجهان، پر مون کي ائين ڪرڻ کپي ها.“
ڳالهه ٻولهه دوران ارشد وارثي پيءُ جو ذڪر ڪندي پنهنجي جذباتي حالت ۽ مالي جدوجهد بابت ٻڌايو ” بابي جو ڪاروبار اڳ ئي تباهه ٿي چڪو هو، اِهو ئي ڪارڻ هو جو خاندان کي وڏي گهر مان ننڍي گهر ۾ منتقل ٿيڻو پيو.“
هن وڌيڪ چيو ته ” بابي جي وفات کانپوءِ مان روئي به سگيس، مڙسيءَ سان پنهنجا گهرو معاملا سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه هفتن کانپوءِ مان بنهه ٽٽي پيس.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.