خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر) خانپورمهر ويجهو سردار ڳڙهه روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، خانپورمهر ويجهو سردار ڳڙهه روڊ تي ارشاد خان گڏاڻي بورڊ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ ارشاد احمد گڏاڻي جا رهواسي عبدالستار گڏاڻي پٽ محب علي گڏاڻي ۽ عبدالله گڏاڻي پٽ نظام الدين گڏاڻي ۽ سردارڳڙهه واسي نوجوان علي بخش مهر ولد فتح محمد مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو عبدالرئوف گڏاڻي سخت زخمي ٿي پيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتين جا لاش تعلقي اسپتال پهچايا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.