سنڌ واسڻ نيها منڪاڻي ٽائم ميگزين جي 100 موسمياتي محافظن ۾ شامل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي دائي (مڊ وائيف)، نيها منڪاڻي کي ميگزين ٽائم جي سالياني موسمياتي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪا هن فهرست ۾ شامل ٿيندڙ واحد پاڪستاني عورت بڻجي وئي آهي. ٽائم ميگزين پاران جاري ڪيل ٽائم 100 ڪلائميٽ 2025 جي فهرست ۾ نيها منڪاڻي کي محافظ جي حيثيت يا فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. فهرست ۾ واحد پاڪستاني دائي، موسمياتي تبديلي جي خلاف جنگ ۾ سي اي اوز،  وزيرن، رياستن جي سربراهن ۽ پوپ ليو XIV جهڙن وڏن نالن سان گڏ جاءِ ٺاهي آهي. نيها منڪاڻي جو ماما بيبي فنڊ، ساحلي ۽ موسمياتي متاثر علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي زندگي بچائڻ واريون خدمتون فراهم ڪري ٿو، اهو ڏهه سال اڳ هڪ ننڍڙي فنڊ جي طور تي شروع ٿيو هو. هي تنظيم هاڻي ڪراچي کان ٻاهر بوبي ٻيٽ تي هڪ ڪلينڪ پڻ هلائي ٿي. هي تنظيم هڪ ايمبولينس ٻيڙي پڻ هلائي ٿي جيڪا مريضن کي ڪياماڙي اسپتال منتقل ڪري ٿي. ٽائم ميگزين سان هڪ انٽرويو ۾، نيها منڪاڻي چيو ته موسمياتي تبديلي جي اڳين صفن تي برادرين ۾ عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن، انهن جي مسئلن تي بحث نٿو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.