جيڪب آباد(ڊ ر) منهنجو سڱ ٻئي هنڌ ڇو ڏنو، جوابدار گوليون هڻي ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ در محمد رند ۾ جوابدار ديدار علي رند سڱ ٻئي هنڌ ڏيڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي مڱيندي 18 ورهين جي رابعا رند کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي کڻائي سول اسپتال پهچايو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو، صدر ٿاڻي تي مقتول ناري رابعا رند جي پيءُ علي مدد رند جي فرياد تي جوابدار ديدار علي رند خلاف داخل ڪيو ويو،فريادي موقف اختيار ڪيو ته منهنجي ڌيءَ ديدار علي جي نالي ٿيل هئي، اسان سوچيو ته ڌيءَ وڏي ٿيندي ته نڪاح ڪرايو ويندو، ديدار وڏو ٿيڻ کان پوءِ غلط ماڻهن جي صحبت ۾ اچي ويو ان لاءِ ڌيءَ جو رشتو ٻئي هنڌ ڪرايو، ڪاوڙجي جوابدار ديدار علي گهر ۾ گهڙي ڌيءَ کي بيگناهه قتل ڪيو آهي.