اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪابل جي طالبان رجيم دهشت گردن جي پٺڀرائي بند ڪري، دهشت گردي جي خاتمي کانسواءِ لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش ناهي. دهشت گردي تي پاڪستان پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽندو. هن چيو ته ڪابل کي پاڪستان ۾ امن جي ضمانت ڏيڻي پوندي، ٽي ٽي پي هجي يا بي ايل اي، پاڪستان ۾ دهشت گردي برداشت نه ڪنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته معاهدي جي نگراني ۽ تصديق جو طريقيڪار طئي ٿيڻ اڃا باقي آهي ته جيئن ڌريون ان معاهدي جي پابندي ڪن.