نور محمد ڳوٺ ڊاهڻ جي ڪوشش، ڳوٺاڻن جي مزاحمت، ڌرڻو

ڪراچي اوڀر/ گڏاپ (نمائندن وٽان) ڪراچي سپر هاءِ وي ڀرسان اسڪيم 33 جي علائقي نور محمد ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ ريوينيو کاتي، ضلعي اوڀر پوليس ۽ اينٽي اينڪروچمينٽ سيل هيوي مشينري سان گڏ پهچي آپريشن شروع ڪيو ته ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا ۽ انتظاميا جي ڪارروائي خلاف زبردست نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙن سپر هاءِ وي ڏانهن  ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، انتظاميا آپريشن اڌ م ڇڏي واپس هلي وئي، جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته انتظاميا ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ لاءِ آئي آهي، جڏهن⁠ ته هي ڳوٺ سندن ذاتي ملڪيت آهي، جتي سندن بزرگ ڏهاڪن کان آباد آهن ڳوٺاڻن الزام هنيو ته عدالت ۾ ڪيس هلڻ جي باوجود انتظاميا بار بار ڳوٺ ڊاهڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي، جيڪا وڏي زيادتي آهي، نور خان برفت چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا اڳ به اهڙين ڪوششن جو مقابلو ڪيو آهي، اسان تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، پر اسان پنهنجي ڌرتي نه ڏينداسين هن جو چوڻ هو ته اسين مري وينداسين پر ڳوٺ خالي نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.