بخشاپور (رپورٽ :زاهد بڊاڻي) بخشاپو ۾ زمين جي معاملي تان گولا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب 18 سالن جو نوجوان محرالله ولد محمد خان گولو قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌُرين جا ڄڻا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مقتول نوجوان جو مڙهه ۽ زخمين کي وارثن کڻائي بخشاپور ٿاڻي آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ۽ زخمين کي علاج لاءِ بخشاپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻنهي ڌُرين ۾ چڪتاڻ تيز تيز ٿي وئي، خونريزي جو خدشو وڌي ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.