ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي خان واهڻ واسي ڊاڪٽر مهمير تنيو کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر مهمير تنيو پنهنجي ڳوٺ کان ڪلينڪ جي لاءِ پئسي کڻي ڪراچي آيو هو، ذريعن موجب پوليس 15 لک ڊاڪٽر کان کسي مقابلي ۾ کيس ماري ڇڏيو، وارثن موجب ڊاڪٽر مھمير تنيو ڪراچي ۾ پنهنجي نئين ڪلينڪ لاءِ سامان خريد ڪرڻ جي غرض سان 10 کان 15 لک روپيا کڻي آيو هو، جتي پوليس اهلڪارن کيس روڪڻ بعد رقم ڦر ڪري جعلي مقابلي جو ناٽڪ رچائي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر مھمير بيگناهه ۽ قانون پسند شهري هو، جنهن کي صرف مالي لالچ خاطر ظلم جو نشانو بڻايو ويو، ان سلسلي ۾ علائقي واسين، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پوليس جي هن ظالمانه ڪارروائي جي اعليٰ سطح تي جاچ ڪرائي ذميوار اهلڪارن کي بي نقاب ڪري سزا ڏني وڃي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ ڊاڪٽر مهمير جي قتل تي باهه ٻري وئي، واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ۽ جاچ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻئي پاسي اي آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر مهمير جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، ڊي آءِ جي اوڀر کي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اي آءِ جي ڪراچي جو چوڻ هو ته واقعي جي شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي، ڊاڪٽر جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ تي شفاف جاچ ڪري ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏني وڃي.