بڊاڻي ۾ مينهن چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي گهر ڌڻي قتل

بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل) بڊاڻي ۾ منهن چوري دوران مزاحمت تي چورن هٿان گهر ڌڻي قتل ٿي ويو، ڳوٺ عثمان خالطي ۾ اڻڄاتل چورن عبدالعزيز خالطي جي گهر ۾ گهڙي مينهن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻي سڄاڳ ٿي پيا، چورن سان مزاحمت ڪندي گهر ڌڻي عبدالعزيز خالطي چورن هٿان قتل ٿي ويو، جڏهن چور فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا، علائقي ۾  ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقتول جي وارثن شهرين پاران قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.