آئين تحت صوبن کي مليل حق نه پيا ملن:زين شاهه

ميهڙ/ راڌڻ (نمائندن وٽان) ايس يو پي سربراھ سيد زين شاھ چيو آهي ته ملڪ جي حڪمرانن جي کنيل قدمن سبب ملڪ ڪھڙي طرف وڃي پيو اھا خبر ئي نه ٿي پوي، 73 آئين تحت صوبن کي مليل حق نه پيا ملن، پ پ پ جي حڪومت بي ايماني ۽ ناانصافي تي ٻڌل آھي، ميھڙ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته پ پ کي گذريل وقت ۾ ڪمپني سرڪار طرفان مليل حڪومت سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرائڻ لاءِ آھي ملڪ ۾ خراب حڪمراني آھيم، ملڪ تي طرز حڪمراني آئين کان مٿانهين آھي، صدر پاڪستان آئين کان مٿي وارا ڪم ڪري ڪئنال لکي ڏنا سنڌ کي ارسا جي ائڪٽ تحت پاڻي نه پيو ملي سنڌ جي حصي جي پاڻي ۾ ڪٽوتي ٿي رھي آھي، عوام جي جدوجھد حڪمرانن کي گوڏا کوڙائيندي سنڌ جا ماڻھو ٻڌي ڪندا ۽ آئين جي حڪمراني لاءِ جدوجھد ڪندا، سڀ چاھين ٿا ته جعلي اسيمبليون آڻي جعلي ماڻھو آڻي ملڪ تي قبضو ڪري ويندا پر انھن کي ناڪام بڻايو ويندو، 14 نومبر تي حيدرآباد ۾ سڀني جماعتن جو گڏيل پروگرام ڪرائي رھيا آھيون جنھن ۾ آئين جي حڪمراني لاء ۽ صوبن جي وسيلن تي قبضي خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.