ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر غني امان چانڊيو ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو لڳل بُک هڙتالي ڪيمپ تي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ دودوديشي ۽ مرڪزي اڳواڻ شيبرجمالي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد پهتو.وفد ڪامريڊ سنڌو امان چانديوکي پنھنجي همدردي جو يقين ڏياريو ۽ هر ممڪن سهڪار جي پَڪَ ڏني.وفد ۾ انورسروھي. مجيد نواز مغل ، منيراحمد ڀٽي ۽ ٻيا پڻ هيا،جڏهن ته احتجاجي مظاهر ي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ دودو ديشي چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جيڪي جمهوري قدرن ۽ قانوني اصولن جي ابتڙ آهن۔ . جيئي سنڌ محاذ طرفان 2 نومبر تي کنڀي گم ڪيل غني امان چانڊيو صوبدار چانڊيو سرمد ميراڻي سميت ٻين ڪارڪنن جي حيدرآباد واڌو واهه وٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻي ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاج مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو ، جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جنرل سيڪٽري غفار ميرجت، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي ٻين عهديدارن سان گڏجي کنڀي گم ڪيل غني امان چانڊيو جي خاندان وٺ اظھار يڪجھتي لا۽ پھتا، ميڊيا سان ڳالھائيندي جسم چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال پيدا ڪيو ويو آھي، غني امان سميت جسم جا ڪارڪن پرويز چانڊيو ۽ صوبدار چانڊيي سميت قومي ڪارڪن سرمد ميراڻي کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آھي، اھا سنڌ ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جو خطرناڪ صورتحال آھي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو، سرمد ميراڻي، صوبيدار چانڊيو ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا، ڄامشورو ۾ غني امان چانڊيو ، سرمد ميراڻي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگيءَ خلاف جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف ڊويزن حيدرآباد پاران ثناءُ الله چانڊيو، منيب سنڌي، اياز سنڌي، صفي امان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لمس گيٽ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم پاران قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ بشام باجڪاڻي، سائين منصب شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ به جسقم طرفان غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي کنڀڻ خلاف وارث جکراڻي، امير علي سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، دادو ۾ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي گرفتاري بعد پراسرار گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو ويو، احتجاجي جي اڳواڻي فرقان پنهور،گهنوار جمالي،راجہ پنهور،صالح جمالي ۽ فرحان جمالي ڪري رهيا هئا، مورو پريس ڪلب اڳيان سنڌ سڀا مورو پاران هڪ پر امن احتجاج ڪيو ويو وائيس آف راڻي پور ۽ جسقم آريسر پاران غني امان چانڊيو جسقم آريسر جي اڳواڻ سرمدميراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف غازي امداد لاڙڪ ،گلاب ناريجو ڊاڪٽر نذيرکوکر،عامر انصاري، امتياز ماڇي، ساجد منڱريو،جبران سرڪي، زبيرسھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيوويو، دولتپور صفن، ڦلجي اسٽيشن، نوشهروفيروز، ميرپور بٺورو، محرابپور، ابراهيم حيدري، ڪوٽڙي، نصيرآباد، ٽنڊو محمد خان، ڏوڪري، باڊهه، خيرپور، سڳيون ۽ ٻين شهرن ۾ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ مان قومپرست اڳواڻن کي بنا ڪنھن جواز جي کنڀي کڻي گم ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنھن جو انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي فوري نوٽس وٺڻ گھرجي.