ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪراچي پاران اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي خلاف داخل ايف آءِ آر جي متن موجب شبر زيدي پنهنجي عهدي دوران پنهنجي ڪلائنٽ ڪمپنين کي 16ارب رپيا غيرمجازي طور جاري ڪيا،انهن ڪمپنين ۾ اينگرو ڪارپوريشن کي ٻه ارب،اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ ڏيڍ ارب،حبيب بئنڪ لميٽيڊ 10 ارب،مسلم ڪمرشل بئنڪ ڏيڍ ارب رپيا،ڊي جي خان سيمينٽ،ميپل ليف سيمينٽ ڪمپني کي 0.7 ارب رپيا جاري ڪيا ويا ٻئي پاسي صحافي مزمل سهروردي چيو ته سمورن صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن کان ٽيڪس اختياريون،حڪومتون ۽ ادارا ڊڄندا آهن،صنعتڪارن خلاف ايف بي آر جي ڪاررواين تي صنعتڪارن جو وفد ڪجهه عرصو اڳ فيلڊ مارشل وٽ شڪايتون کڻي پهتو هو،اهي حڪومت جي شڪايت آرمي چيف کي لڳائڻ جي طاقت رکن ٿا،شبر زيدي جو ڪو اشو ناهي،صحافي ڪامل عارف چيو ته هتي وڏو سوال آهي: جيڪڏهن جاچ سالن تائين هلندي رهي ۽ پوءِ ايف آءِ آر داخل ٿي، ته صرف 24 ڪلاڪن ۾ ئي اها جاچ غلط ڪيئن ٿي وئي؟ ڇا اهڙيون ڪمپنيون ۽ مالي ادارا قانون کان به طاقتور ٿي چڪا آهن؟