وڏن ڪاروباري ادارن خلاف ايف آءِ آر تي ”اداري“ جي مداخلت؟

دبئي(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار ڪامران خان ٽوئيٽ ڪيو آهي ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه رياستي ادارن پاڪستان کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. هتي ذڪر آهي ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي پاران وڏن ڪاروباري گروپن ايڇ بي ايل، اينگرو، ۽ نشاط گروپ سميت  اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي هئي، الزام لڳايو ويو هو ته انهن گروپن کي اربين رپين جا ريفنڊس جاري ڪري ڪرپشن ڪئي وئي.پر هڪ ”اداري“ جي مداخلت کانپوءِ ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي پٺتي هٽي ويون ۽ اها ايف آءِ آر به ختم ڪئي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن محمد اورنگزيب ناڻي وارو وزير نه پر صرف حبيب بئنڪ جو صدر هجي ها ته ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي ۾ داخل ٿيل ڪرپشن جي ايف آءِ آر تحت يا ته گرفتار ٿي چڪو هجي ها يا گهٽ ۾ گهٽ عبوري ضمانت لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري رهيو هجي ها. ڇو⁠جو ايف آءِ آر ۾ واضح الزام موجود آهي ته ان وقت جي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي حبيب بئنڪ کي 7 ارب رپين کان وڌيڪ ريفنڊ جاري ڪيو، جنهن کي وڏي ڪرپشن قرار ڏنو پيو وڃي. بهرحال، سمورو ڪريڊٽ پاڪستان جي موجوده هائبرڊ نظام کي وڃي ٿو، جنهن سبب اڄ ايڇ بي ايل، اينگرو ۽ نشاط گروپ جا نالا ايف بي آر ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي سان گڏ جوابدارن جي لسٽ ناهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.