ڪراچي ۾ رستن تي غيرقانوني سيٽنگ خلاف ڪارروائي، 103 هوٽل سيل

ڪراچي(رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي هدايت تي ڪمشنر ڪراچي ۽ ضلعي انتظاميا پوري ڪراچي ۾ رستن تي غيرقانوني سيٽنگ ۽ پارڪنگ ڪندڙ هوٽلن ۽ کاڌي پيتي جي مرڪزن  خلاف هڪ جامع ڪارروائي جو آغاز ڪيو۔ هي وڏي پيماني تي ڪارروائي 27 آڪٽوبر کان 30 آڪٽوبر 2025 تائين جاري رهي، جنهن دوران 103 هوٽلن ۽ فوڊ آئوٽ ليٽس کي عوامي هنڌن تي غيرقانوني قبضو ڪرڻ ۽ گاڏين ۽ پيادل هلندڙ ماڻهن جي اچ وڃ ۾ رنڊڪ وجهڻ تي سيل ڪيو ويو۔ چيف سيڪريٽري چيو ته هن فيصلائتي ڪارروائي جو مقصد عوامي سهولت کي يقيني بڻائڻ، شهرين جي گذرگاهن جو حق بحال ڪرڻ ۽ شهر جي مصروف رستن ۽ راهن تي نظم و ضبط قائم رکڻ آهي۔ هن چيو ته ڪو به تجارتي ادارو عوامي هنڌن کي ڪاروباري سرگرمين لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.