حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد لڳ ٽنڊو ڄام روڊ تي تيز رفتار گاڏي ماڻھن مٿان چڙھي وئي جنھن جي نتيجي ۾ ٻه نينگر فوت ۽ 5 ماڻھو زخمي ٿي پيا، راھوڪي پوليس گاڏي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي ڏيٿا لڳ رحيم آباد اسٽاپ وٽ حيدرآباد طرف ايندڙ تيز رفتار فارچونر گاڏي ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري لوڊر رڪشا سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ اسٽاپ تي بيٺل مقامي ماڻھن مٿان چڙھي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 12 سالن جو محمد خان پٽ جان محمد عرف جانو ڏيٿو ۽ 8/9 سالن جو طاھر پٽ ضمير ڏيٿو فوت ٿي ويا ۽ محراب پٽ آچر ڏيٿو، سليم ولد امجد ڏيٿو، عبدالرحمان پٽ حبيب زنئور، انور پٽ الطاف زنئور ۽ حضور بخش پٽ علي بخش کوسو زخمي ٿي پيا، حادثي وقت اتي بيٺل مڇريل ماڻھن گاڏي جي ڊرائيور کي سوگھو ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن تي راھوڪي پوليس پھچي فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي، پوليس فوتين جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، ھوڏانھن پوليس گاڏي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور نياز محمد راهمون کي گرفتار ڪري ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل ڪار ڏاهلي جي علائقي دائم جي ضلع ٿرپارڪر جي رهواسي نياز محمد راهمون جي نالي سان رجسٽرڊ ٿيل آهي. جيڪا هو حيدرآباد ڪاهي اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.