آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهيون:بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪري آزاد ڪشمير جي گذريل چونڊن ۾ اسان جي ڪاميابي کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو پر اڄ اسان هتي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهيون. پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آزاد ڪشمير جو پارلياماني اجلاس ٿيو، پيپلزپارٽي ۽ ڪشمير جي تاريخ سامهون آهي، پيپلزپارٽي جو بنياد ڪشمير ڪاز جي ڪري رکيو ويو. هن چيو ته اسان هر هنڌ ڪشمير جو ڪيس رکيو آهي، پيپلزپارٽي گذريل اليڪشن ۾ ڀرپور حصو ورتو، پي ٽي آءِ باني جي حڪومت هئي جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سڀني جي سامهون هو، اهڙين حالتن ۾ پ پ جي اميدوارن سخت حالتن جو مقابلو ڪيو پر آزاد ڪشمير جي گذريل اليڪشن ۾ راتورات اسان جي سوڀ کي شڪست  ۾ تبديل ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جي مسئلن جو سياسي حل موجود آهي ۽ مسئلا حل ڪرڻ پ پ جي سڃاڻپ آهي، هن چيو ته غير سياسي سوچ جي ڪري ڪشمير ۾ سياسي وٿي پيدا ڪئي وئي جنهن جي ڪري ڪشمير جي عوام کي مقامي ۽ عالمي سطح تي نقصان ٿي رهيو آهي پر پيپلزپارٽي پوءِ به پوئتي نه هٽي ۽ اسيمبلي ۾ پارٽي جي نمائندگي ڪندي رهي ۽ اچ پ پ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي چڪي آهي. هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ڪشمير جي عوام جي اميدن تي پورو لهون، پ پ جمهوريت تي يقين رکندڙ پارٽي آهي، هن اسيمبلي جو جيڪو وقت بچيو آهي اهو پ پ لاءِ امتحان هوندو، پ پ جي وزيراعظم کان ويندي هر ڪارڪن جي ڪوشش هوندي ته عوام جي مطالبن جو تحفظ ڪري سگهجي، مان اوهان کي مايوس نه ڪندس، مان اوهان جي نمائندگي هر هنڌ ڪندس. جيڪڏهن خدمت نه ٿي سگهي ته ان جو ذميوار بلاول ڀٽو زرداري هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيوته وزيراعظم جي نالي جو اعلان اسلام آباد مان نه ڪشمير مان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.