ڪراچي ۾ اي چالان اسپيڊ وٺي ڇڏي، 4 ڏينهن ۾ 18 هزار کان مٿي چالان

ڪراچي (رپورٽر) ٽريفڪ پوليس قانون جي ڀڃڪڙي تي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5791 اليڪٽرانڪ چالان جاري ڪيا، جنهن بعد گذريل 4 ڏينهن دوران اي چالانز جو انگ 18 هزار 733 کان وڌي ويو، ٽريفڪ پوليس موجب اربع کان خميس تائين سڀ کان وڌيڪ 3546 چالان سيٽ  بيلٽ نه ٻڌڻ تي ٿيا،1555 چالان بنا هيلميٽ موٽر سائيڪل هلائڻ تي لڳا، 325 چالان ريڊ لائيٽ ڀڃڻ تي لڳا،موبائل فون استعمال ڪرڻ تي 166 چالان لڳا ۽ اوور اسپيڊنگ تي 65 چالان جاري ڪيا ويا، ڪارن تي ڪارا شيشا لڳائڻ تي 40، نو پارڪنگ تي 19، رانگ وي تي 13، اوور لوڊنگ تي 9 ۽ وڌيڪ لوڊ تي 6 اي چالان به جاري ڪيا ويا، ترجمان موجب، فيس ليس اي ٽڪيٽنگ نظام شهرين ۾ ٽريفڪ قانونن جي پاسداري ۽ موثر نگراني لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻئي پاسي ڪراچي ۾ هڪ شهري کي 4 سال اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل جو اي چالان موڪليو ويو، موٽرسائيڪل جي مالڪ موجب منهنجي موٽرسائيڪل ٽيپو سلطان روڊ تان 4 سال اڳ چوري ٿي هئي، جنهن جي ايف آءِ آر ٽيپو سلطان ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي هئي، شهري ٻڌايو ته 27 آڪٽوبر تي فيس ليس اي ٽڪيٽنگ سسٽم تحت کيس هيلمٽ نه پائڻ تي 5 هزار رپين جو چالان موڪليو ويو، جڏهن ته اها موٽرسائيڪل گهڻي عرصي کان منهنجي قبضي ۾ ئي ناهي، ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه وضاحت ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ اي چالان سسٽم جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ هٿ سان چالان لکڻ جو عمل مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ اي چالان:سوشل ميڊيا تي تنقيد جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪراچي شھر ۾ متعارف ڪرايل اي-چالان تي تنقيد تيز ٿي وئي آهي. سنڌ حڪومت  پاران متعارف ڪرايل اي-چالان تي تنقيد تيز ٿي وئي آهي. شهري، مخالف ڌريون ۽ ٻيا حلقا ان کي پيپلز پارٽي حڪومت پاران شهري عوام جي کيسي تي ڌاڙو قرار ڏئي رهيا آهن.ـايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل سبزواري پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته سنڌ جي گهرو وزير جي تقرير مان ظاهر ٿئي ٿو ته اي-چالان سسٽم ضروري قدم کڻڻ کان سواءِ لاڳو ڪيو ويو. صرف ٽن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي هزار چالانن ذريعي ڪروڙين رپين جا ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا آهن.هن چيو ته ته ڪراچي جي مقابلي ۾ لاهور روڊن جي تعمير ۽ سار سنڀال جي لحاظ کان پڻ بهتر آهي، انهي سان گڏ ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ ۾ نسبتاً سختي جي لحاظ کان. پر اتي جي صوبائي حڪومت اي-چالان کي شهرين کي وڌيڪ ذليل ڪرڻ جو ذريعو نه بڻايو.هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽرئفڪ چالان جي رقم اڳ ۾ ئي سڄي صوبي مان گڏ ڪيل زرعي ٽيڪس کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوه جيڪڏهن انفراسٽرڪچر سيس، پراپرٽي ٽيڪس، سروس ٽيڪس، ضلعي آڪٽرو ٽيڪس وغيره ۾ ڪراچي جو پورو حصو ميئر کي ڏنو وڃي ته پوءِ ڪراچي به بهتر ٿيندي.

اي چالان ۾ سڌارن لاءِ سٽي ڪائونسل ڪراچي ۾ ٺهراءُ پيش

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اي-چالان جي وڏي رقم کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌاري طور ڪيمرائن جي استعمال لاءِ سٽي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي وئي. ٻئي قراردادون جماعت اسلامي پاران سٽي

ڪائونسل ۾ پيش ڪيون ويون. جماعت اسلامي جي اڳواڻ جنيد مڪاتي سوال اٿاريو ته لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه ۾ هي چالان ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ توهان روڊ يا سهولتون فراهم نه ڪيون آهن، توهان ماڻهن تي ڏنڊ هڻي رهيا آهيو. بعد ۾ سٽي ڪائونسل ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيف الدين ايڊووڪيٽ جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي ميمبرن اي-چالان جي وڏي رقم خلاف ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي ٻاهران احتجاج ڪيو.

اي چالان کان پوءِ ڪراچي جي روڊن تي نظم ضبط آيو آهي:پير محمد شاهه

ڪراچي (رپورٽر)ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته اي چالان سسٽم لاڳو ٿيڻ بعد شهر جي روڊن تي نظم  ضبط ۾ نمايان بهتري آئي آهي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پير محمد شاهه چيو ته اي چالان لاڳو ٿيڻ کان پوءِ گهڻا ماڻهو هاڻ هيئلمٽ پائين ٿا، اسٽاپ لائين تي پاڻمرادو رڪجن ٿا ۽ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊرائيور سيٽ بيلٽ استعمال ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سگنل ٽوڙڻ جو سلسلو تقريبن ختم ٿي ويو آهي، ڪجهه مسئلا اڃا به موجود آهن، پر اهو هڪ نئون نظام آهي جيڪو وقت سان وڌيڪ بهتر ٿيندو، نظام جي ڪارڪردگي بابت سوال تي پير محمد شاهه ٻڌايو ته اي چالان خودڪار طريقي سان تيار ٿين ٿا ۽ اڃا تائين 10 هزار چالانن مان صرف 2 يا 3 ۾ معمولي غلطيون مليون آهن، چالان پرنٽ ٿيڻ کان اڳ ٽريفڪ اهلڪار تصديق ڪن ٿا ته ڪئمرا نمبر پليٽ مان صحيح انگ سڃاتو آهي يا نه، جيئن ڪو هڪ کي “7” سان نه مٽايو ويو هجي، تصديق بعد ئي ٽڪيٽ جاري ڪئي ويندي آهي.

آءِ جي سنڌ پاران بغير نمبر پليٽ گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪراچي سوڌو سڄي صوبي ۾ بغير نمبر پليٽ هلندڙ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، سينيٽرل  پوليس آفيس ڪراچي ۾ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ فيس ليس اي ٽڪيٽنگ سسٽم جي ڪارڪردگي بابت پهريون اجلاس ٿيو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 27 آڪٽوبر کان فيس ليس اي ٽڪيٽنگ سسٽم باقاعدي طور لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ نئين ٽريفڪ قانون کي عوامي حلقن مان سٺي پذيرائي ملي رهي آهي، ڊي آءِ جي موجب شهرين طرفان حوصلا افزائي سان گڏ مثبت تجويزون ۽ سوال به ملي رهيا آهن، جڏهن ته روڊ سيفٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪراچي ٽريفڪ مينيجمينٽ بورڊ جو قيام ضروري آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي محنت تي ساراهيندي چيو ته اسان جو بنيادي مقصد ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام ۽ نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ آهي، هن چيو ته حادثن جي وڏي سبب تيز رفتاري آهي، تنهنڪري ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

ڪراچي ٽريفڪ پوليس حيدرآباد جي شهري کي اي چالان موڪلي ڇڏيو!

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ڪراچي ٽريفڪ پوليس حيدرآباد جي شهري کي اي چالان موڪلي ڇڏيو،شهري سيف الله جو چوڻ آهي ته چالان ۾ پرنٽ ٿيل گاڏي جي  تصوير ۽ نمبر پليٽ منهنجي گاڏي جي ناهي،مون کي سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 10 هزار رپين جو چالان مليو آهي،هن چيو ته جنهن تاريخ تي چالان ڪيو ويو ان ڏينهن منهنجي گاڏي حيدرآباد ۾ ئي موجود رهي،نه منهنجي گاڏي ڪراچي وئي نه ئي ڪنهن ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.