غني امان جي آزادي لاءِ ملير بار پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ملير (ڊ ر) کنڀي گم ڪيل شاگرد غني امان چانڊيو جي بازيابي لاء ملير بار پاران عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ۔ عدالتن جي تالابندي ڪري احتجاج ڪيو ويو۔ ملير بار جي جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ وڪيلن نوجوان شاگرد غني امان چانڊيو کي اسپتال مان کنڀي گم ڪرڻ خلاف ملير ڪورٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ملير بار جي جنرل سيڪريٽري  اياز چانڊيو چيو ته شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو کي ڪراچي جي اسپتال مان کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن ء آئين جي ڀڃڪڙي ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي۔ جيڪڏهن غني امان چانڊيو مٿان ڪو ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي۔ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي۔ حڪومت شاگرد اڳواڻ جي بازيابي لاء قدم کڻي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.