دوست ملڪن جي چوڻ تي ڪابل جو رويو بدليو ۽ دهشتگردن جي پٺڀرائي بند ڪئي وئي ته اِهو بريڪ ٿرو هوندو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ وارو وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان-افغان ڳالهين ۾ اڃا ڪا به ذڪر جوڳي اڳڀرائي نه ٿي آهي جنهن تي وڌيڪ اميدون لڳائي سگهجن.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته افغان طالبان سان ڳالهين ۾ اڃا تائين ڪو به بريڪ ٿرو نه ٿيو آهي، نه ئي اهڙي ڪا اڳڀرائي نظر آئي آهي جن مان وڏيون اميدون لڳائي سگهجن.
هن ٻڌايو ته قطري بچاءَ واري وزير ۽ ترڪي جي انٽيليجنس چيف ڪامياب ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ترڪي ۽ قطر جي خواهش اها آهي ته هنن جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪو وقفو نه اچي.
سندس چوڻ هو ته اسان جو وفد ڪالهه رات واپس وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ پهتو هو، پر قطر ۽ ترڪيه وارن چيو ته کين ڳالهين لاءِ هڪ وڌيڪ موقعو ڏنو وڃي.
بچاءَ واري وزير چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪابل جي وفد سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڪو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته اڃا تائين ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع نه ٿيو آهي ، اسان جو وفد هاڻي استنبول ۾ موجود آهي. دوست ملڪن جي چوڻ تي جيڪڏهن ڪابل جو رويو بدلجي ۽ دهشتگردن جي پٺڀرائي بند ٿئي ته اها هڪ اهم اڳڀرائي هوندي.
خواجا آصف چيو ته ٿي سگهي ٿو اها ڳالهه ٿي رهي هجي ته جيڪڏهن ڳالهيون شروع ڪري رهيا آهيون ته ڪجهھ نتيجا به نڪرڻ گهرجن، انهن سمورن شرطن جو بنياد امن آهي ۽ جيڪڏهن امن نه هوندو ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين، جيڪڏهن ڀارت جي سرپرستي هيٺ دهشتگردي يا ٽي ٽي پي جي پٺڀرائي جاري رهي ته ڪو نتيجو نڪرڻ مشڪل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيستائين امن ۽ اعتماد جي بحالي نه ٿيندي، تيستائين واپار يا هاڪاري اڳڀرائي ممڪن ناهي، جيڪڏهن هو هوڏ تي قائم آهن يا ڀارت جي پراڪسي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.