پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙ افغان مردن کي شهريت ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙ افغان مردن کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ افغان شهري کي پاڪستاني اوريجن ڪارڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻي جسٽس شاهدوحيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارنر جنرل راڻا اسد الله عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڊسمبر 2023ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسان اپيل داخل ڪئي هئي، هاءِ ڪورٽ چيو ته افغان شهري پاڪستاني عورتن سان شادي ڪري ته کيس پي او سي ڪارڊ ۽ پاڪستاني شهريت ڏني وڃي.
ان موقعي تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته شهريت ڪهڙي گرائونڊ تي ڏني ويندي آهي، ڪُل ڪيترا درخواست گذار آهن؟
ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪُل 117 درخواست گذار آهي، جنهن تي جسٽس مسرت چيو ته هي ته اُهي درخواست گذار آهن جيڪي سامهون آيا آهن.
ٻڌڻي دوران نادرا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ افغان شهري لاءِ ويلڊ ويزا جو شرط به آهي، ان تي جسٽس مسرت چيو ته اِهو ڏسڻ گهرجي ته ڪو شخص دروازي کان اندر آيو ته ڀت اورانگهي آيو آهي.
ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.