ناياب معدنيات جي واپار بابت معاملو طئي ٿي ويو، اپريل ۾ چين ويندس: ڊونلڊ ٽرمپ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چين طرفان فيٽينيل جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميائي جزن جي آمريڪا ۾ داخلا جي روڪٿام جي جواب ۾ آمريڪا سڀني چيني شين تي لڳل ٽيرف کي گهٽائيندو.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چين سان ناياب معدنيات جي واپار وارو معاملو طئي ٿي چڪو آهي، پر هن ان سلسلي ۾ ڪي به تفصيل فراهم ناهن ڪيا.
صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ان معاملي ۾ چين طرفان هاڻي ڪا رنڊڪ نه آهي.
آمريڪي صدر چيو ته هو ايندڙ سال اپريل ۾ چين جو دورو ڪندو، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ صدر شي جنگ پنگ آمريڪا جو دورو ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.