ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت قيوم آباد چورنگي جي ڀرسان تاج حيدر پل کي عوام لاءِ کوليو آهي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي هر اها سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪا هڪ ترقي يافته شهر کي هجڻ گهرجي. تاج حيدر پل کي اڄ کان عوام لاءِ کوليو ويو آهي. هن پل جي افتتاح سان ڪورنگي جهڙن صنعتي علائقن ۽ ان سان گڏوگڏ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن کي سهولت ملندي. هن چيو ته شڪارپور، خيرپور ۽ نوشهرو فيروز ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گلشن معمار کان ڪراچي ۾ ٽاور تائين اي وي بسن جو هڪ نئون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اسان کي ٽريفڪ چالان جي صورت ۾ هڪ رپيو به نه ملي، ماڻهن کي ضابطن تي عمل ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته چالان ٿيندو، جن وٽ مينڊيٽ ناهي اهي تنقيد ڪري رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀئي شهري اسان لاءِ عزت جي لائق آهن، جيڪڏهن ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته ان جو چالان جاري ڪيو ويندو، ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي سبب حادثا ٿين ٿا، قيمتي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون،