ننڍا صوبا ۽ بااختيار مڪاني نظام آڻيو: عامر محمود

پشاور (عوامي آواز نيوز) دنيا ميڊيا گروپ جي چيئرمين ميان عامر محمود چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ننڍا صوبا ٺاھيا وڃن ته انتظامي خرچ وڌڻ بدران گهٽ ٿيندا، موجوده چار صوبا ايترا وڏا آهن، جو دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ اهڙي مثال نه ملندي،رحمان ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ، حيات آباد پشاور ۾ “2030 جو پاڪستان — چيلينجز، امڪان ۽ نيون راهون” عنوان سان آگاهي سيشن دوران ڳالهائيندي ميان عامر محمود چيو ته “اسان جي اسڪولن ۾ ڪنهن به شاگرد کي رسول پاڪ ﷺ جو گورننس ماڊل نٿو پڙهايو وڃي، جڏهن ته حضور ﷺ جي ماڊل ۾ هر ڏهن گهرن تي هڪ نقيب مقرر هوندو هو، ۽ پوءِ هر سؤ گهرن لاءِ به هڪ نقيب مقرر هوندو هوهن چيو ته پاڪستان کي ٺهندي 80 سال ٿيڻ وارا آهن، فلاحي رياست نه ٺاهي سگهياسين، گذريل 79 سالن ۾ اسان صرف 5 وڏا شهر ترقي يافته ڪيا آهن۔سنڌ ۾ ڪراچي کانسواءِ ٻيو ڪو ترقي يافته شهر نظر نٿو اچي۔پنجاب ۾ لاهور کانسواءِ ٻيو ڪو ترقي جو مثال ناهي۔بلوچستان ۾ صرف ڪوئٽه ۽ خيبرپختونخوا ۾ فقط پشاور ۾ بنيادي سهولتون آهن۔صوبا وڏا آهن، انتظام ممڪن ناهي ،هن چيو ته بدقسمتي سان اسان پنهنجي ادارن کي مضبوط نه بڻائي سگهياسين،ڪمزور ادارا طاقتور کي وڌيڪ طاقتور ڪندا آهن،عام ماڻهو کي انصاف نٿو ملي،ڪرپشن ۾ واڌ ٿئي ٿي،هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ملڪ جي آبادي جو 52 سيڪڙو آهي، جڏهن ته باقي ٽن صوبن جي گڏيل آبادي ان جي برابر به ناهي۔ دنيا ۾ اهڙي غيرمتوازن فيڊريشن ڪٿي به موجود ناهي۔ننڍا صوبا ۽ مقامي حڪومت ئي حل آهي،ميان عامر محمود زور ڏنو ته اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿيڻ گهرجن۔ هن چيو ته جڏهن به مڪاني چونڊون ٿين ٿيون ته چونڊيل نمائندن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي، نتيجي ۾ عام ماڻهو انصاف، سهولتون ۽ نمائندگي کان محروم رهي ٿو۔ٻين ملڪن مان سکڻ گهرجي،اسان جي تجويز آهي ته هر ڊويزن کي صوبو بڻايو،ننڍن صوبن ۾ نئين قيادت وچولي طبقي مان اچڻ گهرجي، دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جنهن جا اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر هجن، هن چيو ته ڀارت نوان صوبا ٺاهيا ته جي ڊي پي ،هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس وڌي ويا، ڀارت ۾ هر صوبي جي جي ڊي پي ڪلڪيوليٽ ٿيندي آهي پوءِ تي بحث ٿيندو آهي پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي جي ڊي پي ڪلڪوليٽ ئي ناهي ٿيندي نه ئي اسان ان چڪر ۾ پوڻ چاهيون ٿا، هن مثال ڏني ته چين ۾ 31 صوبا آهن،ڀارت، جيڪو پاڪستان سان گڏ آزاد ٿيو، ان وقت 9 رياستون هيون، اڄ 39 ٿي ويون آهن،آمريڪا ۾ 50 رياستون،۽ انڊونيشيا ۾ 34 صوبا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.