امير ملڪ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي محفوظ ٺڪاڻا پيا ڏين:نيب چيئرمين

اسلام آباد(بيورو)نيشنل اڪائونٽيبلٽي بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ريٽائرڊ) نذير احمد ترقي يافته ملڪن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي ملڪ مني لانڊرن کي “محفوظ پناهه گاهون” مهيا ڪن ٿا ۽ پوءِ ترقي پذير ملڪن تي بدعنواني کي هٿي ڏيڻ جا الزام لڳائن ٿا۔اسلام آباد ۾ پنهنجي عهدو سنڀالڻ جي ٻه سال بعد پهرين پريس بريفنگ ۾ چيئرمين نذير احمد چيو ته، “اسان (ترقي پذير ملڪ) کي ڪرپشن انڊيڪس ۾ مٿاهين جڳهه تي رکيو وڃي ٿو، جڏهن ته اسان جي غريب ملڪن مان جيڪا رقم مني لانڊرن ذريعي ٻاهر ويندي آهي، اها سڀ امير ملڪن ۾ وڃي لڪي ٿي،هن چيو ته،ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن ترقي يافته ملڪ جي شهري کي پاڪستان ۾ ملڪيت خريد ڪندي ڏٺو آهي؟ اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، جيڪي پئسا ٻاهر موڪلين ٿا ۽ اتي محل ۽ بنگلا خريد ڪن ٿا،چيئرمين نيب وڌيڪ چيو ته مغربي ملڪن ۽ وچ اوڀر جي ڪيترن ئي رياستن گهربل مني لانڊرن کي پاڪستان حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهن خلاف واضع ۽ پختا ثبوت مهيا ڪيا ويا آهن۔هن شڪايت ڪئي ته اسان کي هر وقت ترقي يافته ملڪن طرفان اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي الزام هيٺ ماڻهن کي واپس نه ٿا موڪلي سگهن، ڇو ته اهي سياسي اثر رسوخ رکندڙ فرد آهن ۽ جيڪڏهن واپس موٽايا ويا ته سزا ڀوڳڻ جو امڪان آهي۔”اهو به چيو وڃي ٿو ته نيب ڪيترن ئي ڪيسن ۾ انهن ملڪن کي مناسب ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پوءِ هو ٻين تي ذميواري وجهن ٿا ته اهي مجرمن کي واپس ڇو نه آڻي سگهيا۔ان کان اڳ نيب جي ڊائريڪٽر جنرل (آپريشنز) امجد مجيد هڪ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو هو ته مارچ 2023 کان آڪٽوبر 2025 تائين نيب 8 کرب 40 ارب رپيا وصول ڪيا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.