سيئول (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير کي زبردست فائيٽر قرار ڏئي ڇڏيو.
ڏکڻ ڪوريا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل تمام سٺا ماڻهو آهن، جڏهن ته فيلڊ مارشل زبردست فائيٽر آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڻ ۾ وڙهيا ۽ جنگ ۾ 7 جهاز ڪِريا، اها وڏي ڳالهه هئي، ڇو ته اهي ٻئي ايٽمي طاقتون آهن.
ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ روڪرائڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته مان مودي کي فون ڪري چيو ته توهان سان واپاري معاهدو نٿا ڪري سگهون، توهان پاڪستان سان جنگ ڪري رهيا آهيو، اسان معاهدو نه ڪنداسين، پاڪستان کي به ائين ئي چيو.
سندس موجب ٻن ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن فون ڪري چيو ته اسان سمجهي وياسين ۽ ويڙهه بند ڪري ڇڏي، ڇا اها حيرت جي ڳالهه نه هئي؟ ڇا بائيڊن ائين ڪري سگهي ها؟ مون کي ڏاڍو سٺو لڳو، ڇو ته اسان لکين ماڻهن جون زندگيون بچايون.
You might also like