غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪم کانپوءِ اسرائيلي جهازن جي غزا شهر تي ڪيل وحشياڻي بمباري ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
گذريل ڏينهن نيتن ياهو اسرائيلي فوج کي غزا ۾ وڏن حملن جو حڪم ڏنو هو.
اسرائيلي ميڊيا موجب اهو فيصلو حماس طرفان جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جي جواب ۾ ڪيو ويو.
نيتن ياهو جي حڪم کانپوءِ اسرائيلي جهازن غزا شهر تي ٻيهر فضائي حملا شروع ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج غزا شهر ۾ مختلف هنڌن تي حملا ڪيا، هڪ ميزائل الشفا اسپتال جي پويان ڪريو.
غزا جي صحت واري وزارت موجب گذريل رات کان جاري حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 104 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 46 ٻار شامل آهن، جڏهن ته 253 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
نيتن ياهو جي حڪم تي غزا ۾ ٻيهر وحشياڻي بمباري، 46 ٻارن سوڌو 100 کان فلسطيني شهيد
You might also like