ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ واپاري معاهدي کانپوءِ پهريون ڀيرو سڀ کان وڏو بحري جهاز آمريڪي ڪچو تيل کڻي حب پهچي ويو.
ريفائنري اختيارين طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب آمريڪي ڪچي تيل سان ڀريل بحري جهاز جي سنرجيڪو جي آئل ٽرمينل تي آمد ٿي جنهن ۾ 10 لک بيرل ڪچو تيل موجود آهي.
اختيارين چيو ته هڪ لک 35 هزارن ٽن سان پاڪستان ايندڙ اهو سڀ کان وڏو تيل جو جهاز آهي، ايندڙ مهيني هڪ ٻيو آمريڪي جهاز ڪچو تيل کڻي پاڪستان ايندو.
آمريڪا سان واپاري معاهدو، پهريون ڀيرو سڀ کان وڏو بحري جهاز ڪچو تيل کڻي پاڪستان پهچي ويو
You might also like