واشنگٽن/اسلام آباد (م ڊ/بيورو) عالمي بينڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي موجوده رفتار کي غربت ۾ گهٽتائي لاءِ اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو. هلندڙ سال پاڪستان ۾ غربت جي شرح 21.5 سيڪڙو ۽ معاشي واڌ 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ سال معاشي ترقي وڌي 3.4 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. غربت ۾ گهٽتائي ۽ زندگي جي معيار ۾ بهتري لاءِ معاشي ترقي ۾ بهتري تي زور ڏنو ويو آهي. عالمي بينڪ پاڪستان بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ هر سال 16 لک نوجوان روزگار لاءِ مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن. عالمي بينڪ موجب، پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال مهانگائي 7.2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، ايندڙ سال مهانگائي گهٽجي 6.8 سيڪڙو تائين رهڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. رپورٽ ۾ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ جامع سڌارن تي زور ڏنو ويو.